سنڌ

ميرپور ماٿيلو ۾ ثقافتي لباس پهري ريلي، قومي گيتن تي رقص

ميرپورماٿيلو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سميت ڪلامن تي رقص ڪيو ويو، ان موقعي تي جسقم، جساف، ايس ٽي پي سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي. جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن تان ٿيندي گهنٽا گهر چوڪ تي پهتي. اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ، اڪرم ميتلو، ڪمال مهر عبدالمجيد ميربحر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثفاقت هزارين سال پراڻي آهي، بنيادي طرح سنڌ جي ثقافت پيار، محبت، رواداري، سيڪيولر سوچ ۽ عدم تشدد جو اعليٰ مثال آهي، عام سنڌي ماڻهو صوفي مزاج ۽ امن پسند آهن، موهن جي دڙي جي تهذيب کان وٺي اڄ ڏينهن تائين راڳ ۽ رقص جي وڏي قدرداني ڪئي ٿي وڃي. ٽوپي ۽ اجرڪ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button