سنڌ

قمبر ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ميونسپل ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪندي آفيسن کي تالا هڻي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن عاشق گوپانگ، ذوالفقار چانڊيو، عبدالله چانڊيو، شڪيل احمد کوسو ۽ ٻين چيو ته ڪيترن ڏينهن کان بلديا ملازم ٽريزري ذريعي پگهارون نه ملڻ تي احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن اسان جو آواز ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ملازمن سان ظلم آهي. هنن چيو ته ميونسپل عملي ۾ اڪثريت غريب طبقي جي آهي، جيڪي شهر جو گند ڪچرو صاف ڪن ٿا پر افسوس جو انهن کي وقت تي پگهار به نٿي ڏني وڃي. ميونسپل ملازم انتهائي ڏکين حالتن ۾ آهن. جن جا جائز مطالبا پورا ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button