سنڌ

خانپور مهر ۾ ثقافتي تقريب، انساني زنجير ٺاهي وئي

خانپورمهر ۾ سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، شهر سميت مختلف علائقن کان نوجوان توڙي پڪا پوڙها ۽ اسڪولي شاگرد سنڌي ثقافتي لباس ٽوپي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي روڊن تي نڪري آيا، شهر جي مختلف چوڪن چوراهن تي قومي گيتن تي جهمريون هڻي سنڌ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جسقم، شهري اتحاد، ملڪ اتحاد، جسڪاڻي اتحاد ،آل پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن، هندو ينگ جنريشن، سنڌ عوامي سٿ، هندو پنچائت خانپور مهر، ميگهواڙ پنچائت خانپورمهر سميت ٻين تنظيمن شاندار ريلي ڪڍي، ريلي سنڌو چوڪ مختيار ڪار آفيس کان ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي دودو مهر، علي مردان جسڪاڻي، اميد علي ميراڻي، احمد علي ملڪ، غلام سرور ملڪ، شمس گبول، امداد جسڪاڻي، امين سيال، غلام گڏاڻي، لال چند، انجنئير ڪرشن لال، سورج ڪمار، علي اصغر مهر غلام قادر گڏاڻي، قادر بخش سيال، فياض مهر، عالم سيال، غلام مصطفي مهر، امر لال سيجواڻي، فرمان مهر، مقصود گل مهر، سڪندر مهر، استاد حاجي سولنگي، فراز سيال ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته ريلي مختلف رستن چوڪن چوراهن کان ٿيندي گهوٽڪي اسٽاپ پهتي. جتي انساني زنجيرن ٺاهي ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو، جنهن بعد ريلي پنج چوڪ تي پهتي جتي مرڪزي ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ فنڪارن علڻ الستي، بجلي گڏاڻي، صوفي هدايت چاچڙ ۽ ٻين گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته مختلف اسڪولن جي شاگردن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button