سنڌ

حيدرآباد ۾ ثقافتي قومي عيد،جيئي سنڌ جي گيتن جي گونج

سڄي سنڌ سميت حيدرآباد به ثقافتي قومي عيد تي مرڪي پيو، “جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن، سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن، جيئي لطيف، منهنجو سهڻو لطيف، ماروئڙا، سانگيئڙا، سهڻا ماڻهو ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾” سميت ٻين سنڌي گيتن جي گونجار، اجرڪ ٽوپي، پٽڪا پائي سنڌ جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، سنڌ جي ثقافتي سونهن نکري پئي. ان سلسلي ۾ سنڌي ميڊيا طرفان ثقافتي ڏهاڙي تي حيدرآباد ۾ ثقافتي رنگ نکري پيا. مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ قومپرستن طرفان صبح کان ويندي شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقن مان هزارين ماڻهن جون ريليون نڪتيون، جيڪي مختلف علائقن کان ٿينديون پريس ڪلب ۽ سنڌ ميوزيم وٽ پهتيون. سڄي شهر ۾ ثقافتي لباس، سنڌي ٽوپيون، اجرڪ ۽ پٽڪا پاتل هزارين نوجوان جهنڊا هٿن ۾ کڻي گهمندا رهيا. ان موقعي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ثقافتي ڏڻ جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ صدين کان صوفين جي سرزمين رهندي اچي پئي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button