سنڌ

سنڌ اسان جو گهر آهي،مان ۽ محبتون ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون:اشو لال

سنڌ جي دانشور ۽ اديب جامي چانڊئي طرفان سرائيڪي اديبن، دانشورن ۽ شاعرن ڊاڪٽر اشو لال، مظهر نواز لاشاري، اڪرم گرماڻي، جهانگير مخلص، اظهر گرماڻي، ڊاڪٽر ممتاز ڪلياڻي ۽ ٻين جي مان ۾ جيم خانا حيدرآباد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌي دانشورن، اديبن، شاعرن ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي، امر فياض ٻرڙي، ڊاڪٽر اسحاق سميجي، علي دوست عاجز، نصير مرزا، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر مرتضى سيال، امر سنڌو، عاليا بخشل، حسين مسرت، رئوف چانڊئي، شفيع برهماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي خاص مهمان ڊاڪٽر اشو لال چيو ته اسان هي مان ۽ محبتون ڏيڻ تي سڄي سنڌ جا ٿورائتا آهيون، سنڌ اسان جو پنهنجو گهر آهي، سنڌي سرائيڪي سانجهه جي ذريعي سنڌين ۽ سرائيڪين کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌين ۽ سرائيڪين جا رابطا ڪڏهن به ٽٽا ناهن، اهي اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجن ٿا. جهانگير مخلص چيو ته محبتون قائم رهڻ گهرجن، توهان اسان وٽ اچو ۽ اسين توهان وٽ اچون ۽ اهو سلسلو سدائين قائم رهي. هن چيو ته اسين اڪرم گرماڻي ۽ سردار شاهه جا ٿورائتا آهيون جن ويهه سال اڳ چولستان ۾ سنڌ سرائيڪي سانجهه جو بنياد رکيو، اڄ اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو آهي. ڊاڪٽر ممتاز ڪلياڻي چيو ته اسان جي تهذيب، تاريخ ۽ ثقافت ساڳي آهي، اهي اسان جي جڙڻ جا سبب آهن. جامي چانڊئي چيو ته اڄ سنڌي ماڻهو سڄي دنيا ۾ محو رقص آهن، اها پنهنجي وطن سان محبت آهي، اهو اسان جو ڀاڳ آهي جو اسان جي ثقافتي جشن واري ڏينهن تي سرائيڪي دوست اسان سان گڏ آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ هر ڏينهن، رات محفلون مچنديون آهن ۽ اهڙي ڪا محفل نه هوندي آهي جنهن ۾ سنڌي شاعري سان گڏ سرائيڪي شاعري نه ڳائي وڃي. هن چيو ته سنڌي سرائيڪي سانجهه جو تصور رسول بخش پليجي ۽ فدا گاڏهي ڪيترائي سال اڳي ڏنو هو، سنڌين ۽ سرائيڪين ۾ جيڪو تعلق آهي، اهڙو ويجهو تعلق سنڌي قوم جو ٻي ڪنهن قوم سان ناهي. هن چيو ته توهان محبتن جا سفير آهيو، پنهنجي محبتن ۾ فرق اچڻو ناهي. هن تجويز ڏني ته سنڌ سرائيڪي سانجهه جون سال ۾ 2 وڏيون ڪانفرنسون ٿيڻ گهرجن، هڪ سنڌ ۾ ٿئي ۽ ٻي سرائيڪي وسيب ۾ ٿئي، جتي ٻنهي قومن جا دانشور، اديب گڏ ٿين. نصير مرزا چيو ته سرائيڪي زبان محبوب جيان آهي، ڪو رٺل هجي ته ان کي سرائيڪي زبان ۾ پرچائيندا آهيون ته اهو پرچي ويندو آهي. اسحاق سميجي چيو ته اسان اڳي ئي گڏ آهيون، اسان جا رابطا بحال آهن، اسان کي ڪنهن نئين رابطي جي ضرورت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button