سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ثقافت جا خوبصورت رنگ، اجرڪ ٽوپي جا تجلا

لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب جي سهڪار سان مختلف چينلن توڙي سنڌي اخبارن پاران شهر جي جناح باغ چوڪ تي مُک تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي ڪمپيئرنگ صحافي عبدالقادر جاگيراڻي ۽ حنيف سهاڳ ڪئي. سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سليم رضا ڪنڀر، سڄڻ مائري، راجا سمون ،انمول چانڊيو ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ناليوارن سگهڙن ڏاڏو ڏتل ابڙو، محمد يوسف ڀٽي ۽ ٻين لوڪ شاعري ٻڌائي سنڌ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت رکندڙ ماڻهن ريليون ڪڍي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي پڪا پوڙها، نوجوان ٻارڙن سنڌي اجرڪ ٽوپيون، پٽڪا، سنڌي ويس وڳا پائي رقص ڪندا رهيا. ثقافتي تقريب ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن لياقت ابڙو، يونس علي ابڙو، راجا منير جتوئي، ذيشان کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پاڪستاني پرچم ۽ بئنر کڻي، جيئي سنڌ محاذ طرفان عزيز الله ابڙو، ذوالفقار بليدي، برڪت راهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تنظيمي جهنڊا کڻي، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان طارق جتوئي، شاهد ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهنڊا کڻي، سنڌ نوجوان اتحاد پاران اسلم تنيو، بلاول سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جهنڊا کڻي ڌار ڌار ريليون ڪڍي مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ بلاول ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، اعجاز لغاري، طارق انور سيال، انور علي نواز لهر، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، اسد کرل، غلام رسول ڇڄڙو، عمران شيخ، ظهير احمد ناريجو، آصف علي عباسي، نديم ميمڻ، محمد صديق ڪوريجو، منصور احمد کوکر، عطاء الرحمٰن مڱڻيجو سميت مختلف ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، مرتضيٰ ڪلهوڙو، منير احمد سومرو، محمد عاشق پٺاڻ، معشوق اوڍاڻو، سرڪش سڌايو، اياز ساريو، حفيظ منگي، راجا مگسي، ظهير ابڙو، سلامت ابڙو، علي گراماڻي، سيد جاويد شاهھ، نادر ابڙو، ڊاڪٽر بدر شيخ، منصور ابڙو، رشيد سمون، ارسلان ڪنڀر، وحيد لانگاھه، شاھه محمد لاشاري، راجا گاڏهي، عبدالقادر گوپانگ ۽ ٻين ڀليڪار ڪندي قومي عيد جون واڌايون ڏنيون. هوڏانهن ثقافتي تقريب ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، برٿ پريل ڪپڙن ۽ ٻين ثقافتي شين جا اسٽال لڳايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button