سنڌ

ڏهرڪي ۾ ثقافت جا انڊلٺي رنگ نروار، ماڻهو گيتن تي جهومي پيا

ڏهرڪي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظمين جا ڪارڪن ۽ شهري سنڌي لباس پهري نڪري آيا، ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون. ڏهرڪي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظمين جا ڪارڪن ۽ شهري سنڌي لباس پهري روڊن تي نڪري آيا، جنهن جي ڪري شهر سنڌ جي ثقافتي رنگن سان جرڪي پوڻ سان گڏو گڏ انڊلٺي رنگن سان رنگجي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن ڄام عبدالفتح سميجو، آفتاب خان شر، ڄام معشوق سميجو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي هائوس ڏهرڪي کان ريلي ڪڍي وئي، جسقم ڪارڪنن امتياز ڀٽو، ظھور دايو، سليم ابڙو، جاويد منشي، مير حسن لاشاري جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان ۽ هندو ميگھواڙ پنچائت پاران مکي وڪيل نند لعل، وڪيل راجيش ڪمار، ڀورا رام توگا، وڪيل مڪيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏھرڪي طرفان ايم ڊي راڄڙي، نوبت ڏھر، زاھد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي سڀئي پريس ڪلب چوڪ آڏو پهتا، جتي وڏي ريلي جي صورت ۾ گڏ ٿي قومي گيتن تي رقص ڪيو. هوڏانهن سماجي اڳواڻ عتيق احمد پڻ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته شهر جي خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن پڻ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائي سنڌ جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ٻڌي جو ثبوت ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button