سنڌ

قمبر ۾ مختلف تنظيمن جون ثقافتي ريليون، جهمريون

قمبر ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪرڪيٽ گرائونڊ کان ثقافتي ريلي ڪڍي وئي جيڪا ها اسڪول روڊ تي پهتي. جتي شاگردن ۽ نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نذير تنيو، سيد مجاهد شاهه، سيد اخلاق شاهه، در محمد ٻرڙو، رياض چانڊيو، اياز ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته سنڌي قوم کي هن ثقافتي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي اولاد کي علم جي زيور سان روشناس ڪن، علم هوندو ته اسان ۾ شعور پيدا ٿيندو، بي شعور انسان غلامي جي زندگي گهاريندو آهي، علم جي جي روشني سان اسان سرداري نظام جو خاتمو ڪري سگهنداسين، هن جديد دور ۾ پنهنجو الڳ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم لازمي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button