سنڌ

بدين ۾ ثقافتي ڏينهن،سرداري نظام خلاف ريليون،قومي گيتن تي رقص

بدين ۾ ثقافتي ڏينهن جي موقعي تي سرداري نظام کان ڇوٽڪاري لا ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو. ان ڏس ۾ شهر جي اللہ واري چوڪ کان پريس ڪلب بدين جي صدر تنوير احمد، حميد سومرو، پ پ پ اڳواڻ عبدالرحمان بلوچ، قوم پرست اڳواڻ امير آزاد پنهور، عمر ملاح، سينيئر صحافي شوڪت ميمڻ، دودو پنهور، عبدالشڪور ميمڻ، مصطفى جمالي، عبدالمجید ملاح، ديدار ملاح، رجب راهمون، مشتاق انصاري، باغ علي جوڻيجو ۽ ٻين سوين شهرين پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ريلي جي وک وک تي آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي. ريلي پريس ڪلب پهتي ته وڏي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، جنھن کي مختلف صحافين سياسي سماجي تنظيمن خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button