سنڌ

قمبر ۾ پ پ (ش ڀ) پاران ٻانهن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج

قمبر ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو سٽي پاران اڄوڪي ڏينهن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ڪارو ڏينهن ملهائي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن نواب الدين چانڊيو، ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، محمد جان بروهي، عرفان گوپانگ، طفيل احمد سانگاهه، لالا بشير کوسو،وقار شابراڻي، نظير چانڊيو، اياز ميرجت، ياسر چانڊيو، امجد ڦل ۽ ٻين چيو آهي ته اڄوڪي ڏهاڙي تي شهيد مرتضى ڀٽو ۽ سندن ساٿين جي قتل ۾ جوابدارن کي آزاد ڪيو هو ان ڪري اسان هن ڏينهن تي ڪارو ڏينهن طور ملهايون ٿا. جڏهن ته اڄ تائين قاتل آزاد گهمي رهيا آهن. هنن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته مير مرتضى ڀٽو ۽ سندس ساٿين جا قاتل گرفتار کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button