سنڌ

ڳيريلو ثقافتي رنگن سان مهڪي پيو،ريليون ۽ جهمريون

ڳيريلي ۾ روزاني سنڌ ايڪسپريس پاران سرداري نظام نامنظور جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي تي ڳيريلو شهر سنڌي ٽوپي، پٽڪي ۽ اجرڪ پائي سنڌين سان مهڪي پيو. ثقافتي عيد تي ايس يو پي ٽائون ڳيريلو پاران خالد محمود جتوئي، علي رضا جتوئي، لياقت علي ٻرڙو، نواب ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ عمر ڀيو کان ڳيريلو تائين ڏاند گاڏين سان گڏ 4 ڪلوميٽر ريلي ڪڍي پريس ڪلب پهتي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ خالد محمود جتوئي، علي رضا جتوئي، لياقت علي ٻرڙو ۽ نواب ابڙو ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽوپي اجرڪ سنڌ جي قديم ثقافت آهي، جيڪا پٺتي پئجي رهي هئي پر سنڌي ميڊيا کي سلام آهي، جنهن هر سال ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڏيئي پٺتي پوندڙ ثقافت کي هٿي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button