سنڌ

سجاول ۾ ٿقافتي ڏهاڙي جو جشن،ريليون، موسيقي ۽ مچ ڪچهريون

سجاول ۾ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل رات سورج سجاولي پريس ڪلب ۾ مچ ڪچھري ۽ محفل موسيقي جي تقريب ٿي. مچ ڪچھريءَ ۾ انقلابي شاعر سرويچ سجاولي جي وڏو فرزند منير احمد سرويچ، نيشنل پريس ڪلب سجاول جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ، سورج سجاولي پريس ڪلب جو صدر اسماعيل سرويچ، پ پ مينارٽي ونگ اڳواڻ ڊاڪٽر هريش ڪمار، پ پ اڳواڻ شفيع لغاري، حاجي پاشا شاهه شيرازي، سيد قادر ڏنو شاهه شيرازي، نجيب سانگي سرويچ، پي ٽي آءِ اڳواڻ ممتاز شاهه بخاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حسين آزاد، نوجوان صحافي ساگر سليم کوسو، مظفر علي لغاري، ممتاز علي لغاري، لياقت علي جماري ۽ شاعر محمد ٻارڻ سميت سوين شهرين، صحافين ۽ استادن شرڪت ڪئي. مچ ڪچھري جي ٻي نشت ۾ محفل موسيقي جو انتظام ڪيو ويو، ٻئي طرف نوجوان اتحاد سجاول، جيئي سنڌ قومي محاذ، ايس ٽي پي، ايس يو پي، شهري اتحاد سجاول ۽ سول سوسائٽي پاران سوين گاڏين تي مشتمل ريلي ڪڍي وئي، جيڪا ميرپو ربٺورو با پاس روڊ کان شروع ٿي ۽ شھر جي مختلف چوڪن بس اسٽاپ ۽ رحمت العالمين چوڪ کان ٿيندي پبلڪ پارڪ تي اختتام پذير ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button