فريدآباد ۾ جهيڙيندڙ ڌريون ميڙ منٿ قافلو پهچڻ تي فيصلي لا راضي ٿي ويون. خبر موجب فريدآباد لڳ ڳوٺ سيدپور ۾ اميرعلي خاصخيلي، صحافي منٺار خاصخيلي ۽ ٻي ڌر جي غلام مصطفيٰ خاصخيلي وچ ۾ پاڻي ڪراس ڪرڻ تان جھيڙو ٿيو ھو، جنهن ۾ 2 ڄڻا غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ امير علي خاصخيلي شديد زخمي ٿيا ھئا، تڪرار جي نبيري لا پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي صوبائي صدر مير روشن علي خاصخيلي، رفيق احمد خاصخيلي، رئيس نظير احمد خاصخيلي، محمد ڄام خاصخيلي، صحافي ايڊووڪيٽ معشوق چانڊيو، احمدعلي چانڊيو جي اڳواڻي منٺار خاصخيلي واري ڌر وٽ پهتو، جن قافلي کي مان ڏنو، جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾ ٻي ڌر غلام مصطفيٰ خاصخيلي وارن پڻ قافلي جو آڌرڀا ڪيو، ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويون ـ ايندڙ آچر تي فيصلو ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close