سنڌ

فريدآباد م جهيڙيندڙ ڌريون تڪرار نبيرڻ لا راضي

فريدآباد ۾ جهيڙيندڙ ڌريون ميڙ منٿ قافلو پهچڻ تي فيصلي لا راضي ٿي ويون. خبر موجب فريدآباد لڳ ڳوٺ سيدپور ۾ اميرعلي خاصخيلي، صحافي منٺار خاصخيلي ۽ ٻي ڌر جي غلام مصطفيٰ خاصخيلي وچ ۾ پاڻي ڪراس ڪرڻ تان جھيڙو ٿيو ھو، جنهن ۾ 2 ڄڻا غلام مصطفيٰ خاصخيلي ۽ امير علي خاصخيلي شديد زخمي ٿيا ھئا، تڪرار جي نبيري لا پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي صوبائي صدر مير روشن علي خاصخيلي، رفيق احمد خاصخيلي، رئيس نظير احمد خاصخيلي، محمد ڄام خاصخيلي، صحافي ايڊووڪيٽ معشوق چانڊيو، احمدعلي چانڊيو جي اڳواڻي منٺار خاصخيلي واري ڌر وٽ پهتو، جن قافلي کي مان ڏنو، جڏهن ته ساڳي ڳوٺ ۾ ٻي ڌر غلام مصطفيٰ خاصخيلي وارن پڻ قافلي جو آڌرڀا ڪيو، ڌريون فيصلي تي راضي ٿي ويون ـ ايندڙ آچر تي فيصلو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button