سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڀائرن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي واسي ٻن ڀائرن زمين تي مبينا قبضو ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پوليس اهلڪار غلام پنجل سامٽيو پنهنجي ڀاءُ غلام مهدي سامٽيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڳوٺ رشيد وڳڻ جي ديھ لنگھه ۾ اسان جي 15 جريب زمين ڏاڏي خير محمد ۽ والد علي احمد سامٽيو جي نالي تي آهي، جنهن زمين جا اصل ڪاغذ اسان وٽ موجود آهن. هن الزام لڳيو ته ڄاڻايل زمين تي بااثر مائٽن عبدالحفيظ سامٽيو ۽ معراج سامٽيو 10 سالن کان قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي شڪايت لاڳاپيل عملدارن سان بار بار ڪئي پر تنهن باوجود ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو. بااثر زمين جي مالڪي کان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري زمين تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button