سنڌ

لاڙڪاڻي مان چور دڪان جا تالا ٽوڙي پئسا کڻي ويا

لاڙڪاڻي ۾ نامعلوم چور دڙي ٿاڻي جي حد مان دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين روپيا روڪ چوري ڪري ويا. خبر موجب گذريل رات لاڙڪاڻي جي دڙي پاڙي ۾ قائم ٽيوب ويل سامان وڪرو ڪندڙ محسن علي ڪمبوهھ جي دڪان جا تالا چور ٽوڙي دڪان ۾ پيل هزارين روپيا چوري ڪري ويا. متاثر دڪاندار جو چوڻ هو ته گذريل رات دڪان کي بند ڪري ويس، جڏهن صبح جو پهتس دڪان جا تالا ڀڳل هئا ۽ دڪان ۾ موجود پئسن واري پيتي موجود نه هئي، جنهن پيتي ۾ 50 هزار روڪ رقم ۽ ڪجھه چيڪ پيل هئا،ته اهڙو اطلاع حد جي دڙي ٿاڻي تي ڏنو آهي ۽ پوليس پهچي تفصيل ورتا آهن. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل رقم ۽ چيڪ واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button