پاڪستانسنڌ

منهڙُو لڳ همراهه گوليون هڻي زال قتل ڪري ڇڏي، سس به مرڻينگ

منھڙو: منھڙو ڀرسان پٻجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ فقير محمد ڏاھري ۾ جوابدار عباس ڏاھري گھرو اڻبڻت تان بندوق جا سڌا فائر ڪري پنھنجي گھرواري 25 ورهين جي عظيمان ڏاھري کي قتل ڪري ڇڏيو، پنھنجي نياڻي کي بچائڻ لا آيل سندس سس نظير بانو کي به بندوق جا فائر ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جوابدار قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو. واقعي بعد پٻجو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو، ايمبولينس نه هئڻ سبب لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري هنڌ زمين تي پيل رهيو، بعد ۾ پٻجو پوليس لاش کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي شاھپور جهانيان اسپتال منتقل ڪيو، جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي پٻجو ٿاڻي جي وڏي منشي نثار احمد جمالي ٻڌايو ته واقعو گھرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد قتل واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button