سنڌ

لاڙڪاڻي جي هائي اسڪول پراڻو آباد ۾ ”اسان جو ڀٽائي“عنوان تحت تقريب

گورنمينٽ هاءِ اسڪول پراڻو آباد طرفان شاهه لطيف فائونڊيشن جي تعاون سان “اسان جو ڀٽائي” عنوان تحت پروگرام ٿيو، جنهن ۾ باقراڻي جي مختلف اسڪولن جي ٻارڙن تقريري مقابلي ۽ ڪوئيز ڪامپٽيشن ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ڊي اِي او اسڪول ايجوڪيشن لاڙڪاڻو اختر حسين ڪوريجي شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي تي ليڪچر ڏيندي چيو ته ڀٽائي جي تند ۽ تنوار جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر ۽ ناميارو استاد نظير حسين ميراڻي جَسُ لهڻي. مان کيس ۽ سندس ٽيم کي ڪامياب پروگرام ڪرائڻ تي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. پروگرام کي ڊاڪٽر احسن دانش، نثار احمد عباسي، نامياري شاعر مصطفيٰ انڙ ۽ نظير حسين ميراڻي خطاب ڪيو. ان موقعي تي مزاحمتي شاعر زاهد شيخ پنهنجا گيت ٻڌايا. پروگرام جي ڪارروائي عنايت حسين ميراڻي هلائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button