پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ مڙس جي ظلمن خلاف عورت جو پي سان گڏ احتجاج

چيلهار: چيلهار ۾ عورت ڪويتا پنهنجي پي ماڌو ڪولهي سان گڏ مڙس جي ظلمن خلاف صحافين اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته منهنجو مڙس گينو پٽ پارو ڪولهي مون تي مسلسل تشدد ڪندو رهندو آهي ۽ مائٽن پاران ڏاج ۾ ڏنل سونا زيور ۽ چوپايو مال وڪرو ڪيو، هاڻ تشدد ڪري مائٽن کان پئسا وٺڻ لا زور ڀريندو آهي، مڙس پاران گهران ڪڍڻ بعد وڏي عرصي کان مائٽن جي گهر رهان پئي، هاڻ مڙس مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي فون تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ڪويتا ٿر پوليس کان مطالبو ڪيو ته مڙس گينو ڪولهي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button