پاڪستانسنڌ

مقصودورند ۾ حاجي مينهون خان رند سپر ليگ ٽورنامينٽ جي پڄاڻي

مقصودو رند: مقصودو رند ۾ علائقائي ڪرڪيٽ تنظيم جي چيئرمين حاجي راحب علي رند جي نگراني ۾ جاري حاجي مينھون خان رند سپر ليگ مھيني بعد پڄاڻي تي پهتو. فائنل ميچ ۾ اي سي ٽي سپر ڪنگ اليون ۽ اي سي ٽي مھراڻ اليون ۾ ٿيو، ٽاس کٽي بيٽنگ ڪندي سپر ڪنگ اليون جي ٽيم مقرر 10 اوورن ۾ اشفاق رند جي 34 رنسن جي مدد سان 110 رنسون ٺاهيون. مھراڻ اليون جي ٽيم 8 اوورن ۾ راشد پنھور جي 58 رنسن جي مدد سان 8 اوورن ۾ ٽارگيٽ مڪمل ڪري فائنل کٽي ورتو. ان موقعي تي مھمان خاص حاجي راحب علي رند، استاد غلام حيدر رند، مظھر علي رند، زوار ناظم حسين رند، سالم شير رند، مير امداد ٽالپر، لطف علي رند، ڊاڪٽر علي رضا رند، پرويز رند، سڪندر علي رند، شاھد رند، خالد رند ۽ ٻين فاتح ٽيم ۽ رنر اپ ٽيمن ۽ مين آدي ميچ راشد پنھور ۽ الطاف حسين مين آف دي ٽورنامينٽ کي روڪ انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button