سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مزاحمتي شاعر آخوند ساقي ابڙو سان ادبي رهاڻ

سنڌ جي قومي مزاحمتي شاعر، اديب، استاد ۽ ليکڪ آخوند ساقي ابڙو اڌ صديءَ جو انسان بڻجي ويو ۽ هن پنھنجي زندگيءَ جون 50 بھارون ڏسي ورتيون. جديد سنڌي شاعري ۾ مزاحمتي ڪردار ادا ڪندڙ خوبصورت شاعر ساقي ابڙو جي 50 هين گولڊن جوبلي جنم ڏينھن جي حوالي سان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي ادب شعبي پاران “ڀٽائي ادبي هال” ۾ ساڻس “ادبي رهاڻ” ملهائي وئي، جنھن ۾ نامياري اديبن، شاعرن ۽ محققن سانول ميرالي، جواد جعفري، ڊاڪٽر احسان دانش، امام راشدي، مدهوش ڀٽو، منور سولنگي، صحافي پهلوان جويو، علي اصغر نوناري، عبدالله ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪري سندس ادبي ڪم، فن، فڪر، شخصيت ۽ زندگيءَ تي روشني وڌي. تقريب ۾ شريڪ اڳواڻن چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم لاوارث بڻيل ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهي، قومپرست قوم جي اميدن تي پورو ناهن لھي سگهيا پر سنڌ جي قومي معاملن ۽ اجتماعي مسئلن تي سنڌي ميڊيا سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هنن چيو قلم دنيا جو طاقتور ترين هٿيار آهي، تنھن ڪري قلمڪارن کي هوش سان اهو هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪو قلمڪار سڄڻ ۽ ساڻيھه لاءِ وطن جي ويرين سان قلمي مزاحمت نٿو ڪري اهو اڻاٺي ۽ قوم جو مياري آهي. آخر ۾ مزاحمتي شاعر ساقي ابڙو کي شاعري سان ڀيٽا به پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button