پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ شروع، 44 ٽيمون شريڪ

سانگهڙ: سانگھڙ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سورھيه بادشاھه پي سي بي اسٽيڊيم ۾ آل سنڌ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جا 44 ڪلب حصو وٺي رھيا آھن. افتتاحي ميچ قمبر لائين لاڙڪاڻو ۽ شاهھ حبيب ڪلب ڀٽ شاھه جي ٽيمن ۾ کيڏيو ويو، جنھن ۾ شاهھ حبيب ڀٽ شاهھ پھرين بيٽنگ ڪندي 17 اوورن ۾ 85 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، اھو اسڪور قمبر لائين آساني سان 13 اوورن ۾ حاصل ڪيو. ٽورنامينٽ جي آرگنائيز عبدالرحمان خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو مقصد نوجوانن کي راندين جون بھترين سرگرميون فراھم ڪرڻ آھي، ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ضلعي انتظاميا جو سھڪار شامل آھي، نشي کان انڪار زندگي سان پيار جي نعري ھيٺ ٿيندڙ ٽورنامينٽ ۾ سنڌ مان 44 ڪلب حصو وٺي رھيا آھن. قمبر لائين جي ڪپتان وزير احمد گوپانگ چيو ته سانگھڙ ۾ عبدالرحمان خاصخيلي کي بھترين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. شاهھ حبيب ڪرڪيٽ ڪلب جي ڪپتان رحيم کوسو چيو ته ھار جيت راند جو حصو ھوندي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button