سنڌ

مڪاني نظام تي اپوزيشن وارا جهالت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن:مراد علي شاهه

وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ جلسي جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهيد بينظير جي 14 ورسي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عظيم الشان جلسو ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان لکن جي تعداد ۾ جيالا پهچي خراج عقيدت پيش ڪندا. هن وقت غريب عوام مهانگائي جي بوجهه ھيٺ دٻجي ويو آهي. غريب عوام ورسي واري ڏينهن حڪومت کي ٻڌائيندو ته نيازي حڪومت جي هاڻي ضرورت ناهي ۽ اها گهر هلي وڃي. هن چيو ته اپوزيشن جون ڳالهيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن. اهي ڇاٿا چاهين اسان کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي. اسان سڀني سان مشاورت ڪرڻ بعد مڪاني نظام وارو بل پيش ڪيو هو ۽ اهو بل 6 مهينن کان انهن وٽ پيل هو. جڏهن ته گورنر سنڌ وٽ سڀني جماعتن پهچي مشاورت ڪرڻ بعد بل ۾ شامل ڪجهه شقن تي اعتراض واري بل واپس ڪيو هو. جنهن بعد اپوزيشن جماعتن جي خدشن تي 90 سيڪڙو ڪم ڪيوسين ۽ اسان جيڪي بل ۾ ترميمون ڪيون اهي اسپيڪر پڙهي به ٻڌايون پر اپوزيشن جماعتن جو ان طرف ڪو ڌيان نه هو ۽ هاڻي اپوزيشن وارا فقط گار گند ۽ جهالت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان اڪثريت جماعت آهيون. مان اسيمبلي ۾ بيهي انهن کي مينارٽي چيو ته اپوزيشن سمجهيو ته اسان کي غير مذهب چيو آهي. اپوزيشن کي خبر آهي ته اسان افراتفري نٿا ڪري سگهون. انهن ڳالهين ۾ اپوزيشن وارا اسان کان زور آهن ۽ انهن کي ان ڪم تي شاباش ملندي آهي ۽ اسان کان پڇاڻو ٿيندو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت سڀ الزام گذريل حڪومتن مٿان ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت مٿان لڳائيندي آهي ۽ وفاقي حڪومت هر ڀيري ٽن مهينن ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ جا خواب ڏيکاريندي آهي پر لڳي ٿو هنن جي لفٽ ابتي پئي هلي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ لوڻ کانسواءِ هر شيءِ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جا الزام به اسان مٿان مڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد راڻي بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. جنهن بعد سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ انتظامي ڪاميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورسي جي انتظامن ۽ تيارين بابت عملدارن کان تفصيل معلوم ڪيا ۽ ورسي جي انتظامن کي بهتر ڪرڻ لا ڪجهه هدايتون ڏنيون. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري ۽ انتظامن بابت اجلاس دروران وڏي وزير سان گڏ نثار کهڙو، سيد ناصر شاهه، مڪيش چاولا، اعجاز جکراڻي، خورشيد جوڻيجو ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button