بلوچستانپاڪستان

وزيراعظم گوادر ۾ مهيني کان جاري احتجاج کانپوءِ نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: بلوچستان جي شهر گوادر جي عوام طرفان لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان جاري احتجاج کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ماهيگيرن جي جائز مطالبن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گوادر جي ماهيگيرن جي جائز مطالبن جو نوٽيس ورتو آهي، ٽرالرن ذريعي غير قانوني ماهيگيري خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو.

عمران خان چيو ته غير قانوني ٽرالرز ذريعي مڇي جي شڪار تي بلوچستان جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس. واضح رهي ته جماعت اسلامي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري مولانا هدايت الرحمان جي اڳواڻي ۾ ساحلي شهر جي رهواسين 28 ڏينهن اڳ “گوادر کي حق ڏيو” تحريڪ شروع ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ لڳندڙ احتجاجي ڌرڻن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عوام جو وڏو انگ شريڪ آهي، جن جو مطالبو آهي ته پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ۽ “ٽرالر مافيا” جو خاتمو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button