پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ اڳوڻي ضلعي ميمبر تي فائرنگ، گرفتاريون

نفيس نگر: نفيس نگر ڀرسان اڳوڻي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڳوٺ جي معزز حاجي سلطان ٽنگڙي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن دوران هو معجزاڻي طور محفوظ رهيو. ان حوالي سان حاجي سلطان ٽنگڙي ٻڌايو ته ڳوٺ مان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڪري چوري ٿي هئي، جنهن جي درخواست پوليس کي ڏني، جنهن بعد جوابدارن ابراهيم ولد الله بخش، انور ولد مير محمد، هاشم ولد متارو، عباس ولد الهرکيو، امير حسن ولد الهرکيو، سليم ولد دين محمد ۽ ٻين مڇرجي منهنجي ڳوٺ وٽ اچي مون مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل شالي دلواڻي ٻڌايو ته اسان ڪا به فائرنگ يا حملو ناهي ڪيو، اسان جا ڌنار ڇوڪرا ڳوٺ حاجي سلطان ٽنگڙي جي ويجهو ٻڪريون چاري رهيا هئا ته هنن پاڻ اچي اسان جي هڪ ڌنار نينگر کي ڌڪ هڻي زخمي ڪيو. هوڏانهن اطلاع تي نفيس نگر ۽ نئون ڪوٽ پوليس پهچي ڪجهه جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button