پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول جي هيوي ٽرئفڪ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ ون جي ڳوٺ وروائي لڳ مائيننگ سائيڊ ڏانهن ويندڙ روڊ تي ٿر سماجي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن امير لنجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ٿرڪول تي هيوي ٽرئفڪ هلڻ سبب روڊ ٻنهي سائيڊن کان ٽٽي ويو آهي ۽ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن، جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. اسان ڪمپني عملدارن وٽ ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي، پر نه مرمت ڪرائي ٿي وڃي ۽ نه وري هيوي ٽرئفڪ بند ڪئي ٿي وڃي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي روڊ کي ويڪرو ڪري هيوي ٽرئفڪ لا الڳ لنڪ روڊ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button