پاڪستانسنڌ

دولتپور ۾ ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

دولتپور صفن: دولتپور ڀرسان ڳوٺ حاجي عثمان رند جي رهواسين ٻئي ڏينهن به گلزار رند مٿان زيادتي جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ فريادي ڌر طرفان موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان شاهنواز رند، شبانه رند، عجيب رند، محبوب رند، زاهده رند ۽ امامزادي رند ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاهنواز رند صحافين آڏو دانهيندي چيو ته احتجاج ڪرڻ ۽ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد فريادي ڌر محمد رمضان رند، مير حسن رند، احمد رضا رند، فقير محمد ۽ پير ڏنو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مون کي، گلزار رند ۽ سندس گهرواري شبانه رند کي ڄاڻايل ماڻهن مان خطرو آهي. گلزار رند جي زال شبانه رند چيو ته منهنجي پيءُ محمد رمضان رند اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پي مونکي ۽ منهنجي مڙس گلزار کي مارڻ ٿو چاهي، گلزار رند مٿان زيادتي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنن ڊي آ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button