سنڌ

ميهڙ ويجهو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ معصوم نينگري سخت زخمي

ميهڙ ويجهو ڳوٺ گهاڙهي جاگير ۾ تيز رفتار موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ چئن ورهين جي نينگري فضيلا ڌيءَ ميوو خان چانڊيو سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن زخمي نينگري کي طبي امداد ڏني. ان موقعي تي زخمي نينگري جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي نينگري گهر ٻاهران روڊ ڪراس ڪري رهي هئي ته ڏيپر برادري جي موٽرسائيڪل سوار نوجوان کيس ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين زخمي نينگري جو علاج هلندڙ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button