سنڌ

قمبر شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاجي ڌرڻو

قمبر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهرين باءِ پاس روڊ تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ نظير تنيو، محمد علي هڪڙو، سراج الدين چانڊيو، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد اخلاق شاهه، ڪامريڊ اياز ٻرڙو، حافظ عزير گل جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر ننڌڻڪو ٿي ويو آهي، پوليس جا سفارشي ۽ راشي آفيسر هجڻ ڪري امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، شهر ۾ موٽر سائيڪلن ۽ چورين ڪري شهري سخت پريشان آهن، پوليس آفيسر شهرين جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن. ايس ايڇ او سٽي طفيل احمد احمداڻي ۽ ڊي ايس پي ڦورن جا ساٿاري بڻيل آهن. هنن چيو ته اسان جا چونڊيل نمائندا شهر جي بنيادي مسئلن سميت ڏوهارين جي ظلم کان بي خبر آھن. ڊي ايس پي خادم حسين بليدي ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن اندر جائز مسئلا حل ڪري چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وينديون، جنهن بعد شهرين پوليس کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button