نوشهروفيروز(ن، سنڌ ايڪسپريس)ڳوٺ مراد راڄپر جي رھواسي واحد بخش راڄپر ۽ سندس ڀيڻ صغري چاچي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڀاءُ ۽ ڀيڻ الزام هنيو ته 40 ڏينھن اڳ جوابدارن مختيار، عزيز، مھتاب ۽ ٻين گھر ۾ گھڙي اسان جي چاچي ولي محمد کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو، جنھن جو ڪيس پڊعيدن ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس جوابدارن کان پئسا وٺي انھن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي، جيڪي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close