سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مقابلي دوران شهيد ٿيل ٻن پوليس اهلڪارن جي تدفين

لاڙڪاڻي ويجهو گذريل ڏينهن مبينا پوليس مقابلي دوران ڏوهارين هٿان شهيد ٿيل اي ايس آءِ مظفر کوسو جي جنازي نماز حسين آباد ڳوٺ کوسا ۾ ۽ شهيد نواب جتوئي جي جنازي نماز ڳوٺ شادڻ جتوئي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، رينجرز علملدارن ۽ پوليس آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ميڊيا سان ڳالهائڻ کان لنوائيندي چيو ته مان بعد ۾ ميڊيا ٽاڪ ڪندس، جڏهن ته شهيد اي ايس آ مظفر کوسو جي پٽ بشير کوسو ۽ سندس عزيزن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن مونکي فون آئي ته توهان جو والد شهيد ٿي ويو آهي پر مونکي يقين نه آيو بعد ۾ معلوم ٿيو ته واقعي بابا شهيد ٿي ويو آهي، هنن چيو ته اسان کي مظفر کوسو جي شهادت تي فخر آهي، جيڪڏهن اسان کان ٻي شهادت به گهري وئي ته خوشي سان ڏئي ڇڏينداسين. هنن چيو ته شهيد اي ايس آ مظفر کوسو گهر جو اڪيلو ڪفيل هو، جنهن بعد هاڻي گهر جو گاڏو هلائڻ وارو ڪير به ڪونهي، جنهن لا ڊي آ جي ۽ ايس پي لاڙڪاڻي سميت پوليس آفيسرن کي اپيل ٿي ڪجي ته شهيد مظفر کوسو جي اڪيلي پٽ بشير کوسو کي ساڳي ئي اي ايس آ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن سندس گهر جو گاڏي هلائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button