سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل راجا مهر جو لاش رکي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ويجهو وڏا مهر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل راجا عرف راجو مهر ۽ زخمي مٺا خان مهر جي وارث مرد عورتن توڙي دوستن مقتول راجا مهر جو لاش کڻائي سوين ڳوٺاڻن سان گڏجي ايس ايس پي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مهر ايسوسيئيشن جي صدر محمد اسحاق مهر، گل محمد مهر ۽ وارثن جاويد مہر، صدام مہر، پرويز مہر ۽ ٻين مائٽن ڳوٺ وارن سان گڏجي پوليس مٿان الزام هڻندي چيو ته گذريل رات پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي 8 وڳي رات جو ايس ايڇ او عاقل ايٽ پير شير اسان جي ڳوٺ وڏا مهر ۾ چڙهائي ڏيکاري گهرن ۾ گهڙي نشي واري حالت ۾ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ ۾ راجا خان مهر، مٺل خان مهر کي زخمي ڪيو ويو، انهي فائرنگ ۾ پوليس هوش وڃائي فائرنگ ڪري پنهنجي ئي پوليس اهلڪارن کي ماري گاڏيون ڇڏي ڀڄي ويا، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي علائقي جي بااثر ماڻهن کي موڪلي پنهنجي پوليس وارن جا لاش ڳوٺ کان کڻائي وئي، جنھن کان پوءِ اسان زخمي مٺل ۽ راجا مهر کي کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي راجا مهر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته راجا مهر ڪو ڏوهاري ناهي، اسان جي نوجوان مٿان ذاتي جهيڙن جا ڪيس داخل هئا جيڪي ڪيس ختم ٿي ويا هئا. پوليس اسان سان ناجائزي ڪري اسان جي ماڻهن کي ماري ۽ زخمي ڪيو آهي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button