سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ سيد امير شاهه جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.ان موقعي تي ڳوٺاڻي اختيار علي مغيري پيرسن ما مسمات عزيزان خاتون، گهرواري تهمينا، ڀاڄائي ممتاز خاتون مغيري، ڀاڄائي زڪيه خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ دانهيندي الزام لڳايو ته بااثرن ڪامران ڳورڙ، دين محمد مغيري، در محمد مغيري ۽ ٻين اسان جي سوا جريب زمين تي 5 مهينن کان قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل بااثرن زمين جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ حد جي تعلقي ٿاڻي تي منهنجي والد محمد بخش سميت ڀائرن رياض، اياز ۽ بختيار مغيري مٿان جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس ڀاءُ رياض کي گرفتار ڪرڻ بعد سينٽرل جيل اماڻيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button