سنڌ

باقراڻي ۾ پورهيت جي نياڻي سان وڏيري جي زيادتي، احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ پنجل ڀٽو جي رهواسڻ مبينا جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل ناري پنهنجي پيرسن پي سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي متاثر ناري دانهيندي الزام لڳايو ته اڱاري ڏينهن منهنجو پي ڀيڻ کي وٺي گمبٽ علاج لاءِ ويل هو ته پٺيان ڳوٺ جي بااثر وڏيري مونکي اڪيلو ڏسي گهر ۾ گهڙي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو. والد جي واپس اچڻ بعد ساڻس گڏجي عاقل ٿاڻي تي وياسين، پر پوليس اين سي داخل ڪري ميڊيڪل ليٽر ڏنو، جيڪو ليٽر کڻي چانڊڪا اسپتال آياسين ته ڊاڪٽرن چيو ته چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي مومل ڪراچي ويل آهي، جنهن بعد اسان ڊي ايڇ او آفيس وياسين، پر آفيس عملي به اسان کي واپس ڪري ڇڏيو، ٻن ڏينهن کان وٺي ميڊيڪل لاءِ رلايو پيو وڃي، اسان غريب آهيون، مونسان وڏو ظلم ٿيو آهي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button