ڪراچي: ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿڌ جي لهر ۾ واڌ ٿي رهي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 10 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائن گهلي رهيون آهن، جڏهن ته شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 8 رڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن سکر، حيدرآباد ۽ نوابشاهه سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به سيءُ وڌي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ پارو گوپس ۾ ڪاٽو 16 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته قلات ۾ ڪاٽو 12، ڪوئيٽا، گلگت، استور ۾ ڪاٽو 8، هنزا ۾ ڪاٽو 6 رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي ريت ايبٽ آباد ۾ پارو ڪاٽو 3، مري ۾ ڪاٽو هڪ، اسلام آباد، ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٻڙي، ملتان پشاور ۾ هڪ، سکر 4، لاهور، فيصل آباد، نوابشاهه ۾ 6 ۽ حيدرآباد ۾ 10 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close