پاڪستانعالمي

عالمي بئنڪ طرفان بجلي ورڇ بهتر بڻائڻ لاءِ 195 ملين ڊالر جي منظوري

اسلام آباد:عالمي بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان ۾ بجلي جي ورهاست کي بهتر بڻائڻ، صارفين جي خدمتن جي معيار کي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ صلاحتن جي نفاذ ۾ مدد لاءِ 195 ملين ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اليڪٽرڪ سٽي ڊسٽري بيوشن ايفيشينس امپرومنٽ پراجيڪٽ (اي ڊي اي آئي پي) ورهاست ڪار ڪمپينن کي بجلي جي فراهمي کي وڌيڪ موثر طريقي سان منظم ڪرڻ ۽ برقي گرڊ جي آپريشنز کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. ڪالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ان منصوبي ۾ محصول جي وصولي کي وڌائڻ ۽ بجلي جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ لاڳت جي بچت تي ڌيا ڏنو ويو آهي. منصوبي تحت بجلي جي انفراسٽرڪچر خاص طور تي گرڊ اسٽيشنز ۽ ٽرانسميشن لائن کي به بهتر بڻايو ويندو. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته بجلي جي شعبي جي ڊگهي مدتي مالي استحڪام جو انحصار بجلي جي ورهاست ڪار ڪمپينن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ تي آهي جيڪا صارفين کي بجلي فراهم ڪنديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button