پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 3 ڄڻن جي قتل ۾ جوابدار کي 3 ڀيرا موت جي سزا

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ 2014ع ۾ جوابدار گوليون ھڻي ٽن ڄڻن منور مري، الله ڏنو ملاح ۽ سنيل ڪمار سوٽھڙ کي قتل ڪيو ھو، جڏھن ته مير نورالله ۽ اوم پرڪاش زخمي ٿي پيا هئا، جنھن بعد مقتول منور مري جي ڀا راشد مري جي فرياد تي ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ڪيس دھشگردي جي ٽوڙ واري عدالت ۾ ھلندڙ ھو. گذريل ڏينهن عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار حسين بلوچ تي ٽن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٽي ڀيرا عمر قيد ۽ ھر قتل ۾ 2، 2 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جيڪا مقتولن جي وارثن کي ادا ڪئي ويندي. فيصلي موجب ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي جوابدار وڌيڪ 2,2 سال قيد ڪاٽيندو. ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي ڪيس ۾ کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ساڳئي ڪيس ۾ نامزد ھڪ جوابدار عنايت علي بلوچ کي شڪ جي فائدي تحت بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ويو. جڏھن ته ٻه جوابدار عبدالعزيز لاکو ۽ طاھر آرائين روپوش ھئڻ ڪري ڪيس جو فيصلو سندن گرفتاري بعد ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button