سنڌ جو برک صحافي، ليکڪ ۽ پورھيت فڪر جو ناميارو ڪردار، سنڌ ھاري ڪميٽيءَ جو اڳواڻ ڪامريڊ محمد صالح بلو 72 سالن جي ڄمار ۾ دل بيھڻ ڪري وفات ويو. سندس جنازي نماز سندس ڳوٺ محمد صالح بلو لڳ نواب شاھه ايئر پورٽ ۾ ادا ڪئي وئي، صالح بلو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ ھاري ڪميٽي، نيشنل عوامي پارٽي، نيشنل پروگريسو پارٽي جي اهم عھدن تي رھيو، 1977ع واري اليڪشن ۾ نواب شاھه جي صوبائي تڪ تان چونڊ وڙھيو، صالح بلو ايم آر ڊي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ گرفتار ٿيو، جيل جون سختيون برداشت ڪيائين، ڪيترائي سال روپوش پڻ رھيو. هو 1976ع کان صحافت سان لاڳاپيل رھيو، روزاني سنڌ نيوز، روزاني عوامي آواز، روزاني سنڌ جو نواب شاھه ۾ بيورو چيف رھيو، 2001 کان پنھنجي ذاتي پندرھن روزه سنڌ گرين اخبار نواب شاھه مان جاري ڪيائين جيڪا مسلسل هن وقت تي شايع ڪندو رھيو، ھن ٻه ڀيرا APNS جا ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا. صالح بلو نوبشاھه پريس ڪلب جو صدر پڻ ٿي رھيو. هوڏانهن جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪامريڊ صالح بلو کي مٽي ما حوالي ڪيو ويو، سندس آخري رسمن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي، سميت وڏي انگ ۾ دانشورن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close