سنڌ

ڊاڪٽر بلوچ جو ڪم عالمي سطح جو آهي:عبدالغفار سومرو

حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي جي جڳ مشهور عالم، تعليمدان، لوڪ ادب جي پارکو، لطيفيات جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 104 هين سالگرهه جي مناسبت سان “ڊاڪٽر اين اي بلوچ نيشنل سيمينار ۽ ٽن ڪتابن جي مهورت واري تقريب ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر عبدالغفار سومري چيو ته ڊاڪٽر بلوچ تمام وڏو عالم هو ۽ سندس ڪم عالمي سطح جو آهي، سندس ڪم مختلف ٻولين ۽ ملڪن ۾ ڇپيو آهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو تہ هن اداري جو بنياد 1990ع ۾ پيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ باني چيئرمين ٿي آيو ۽ شروعاتي وقت ۾ سنڌ ميوزيم ۾ هڪ ننڍڙي آفيس کان ڪم شروع ڪيو، اڄ به جڏهن ڪو ڪم ڪريون ٿا ته پهرين ڊاڪٽر اين اي بلوچ جا فائيل ڏسون ٿا، هو اسان جي اڄ به رهنمائي ڪري ٿو. هن چيو ته لوڪ ادب هجي، تاريخ جو موضوع هجي، لغت يا لطيفيات ڊاڪٽر صاحب جهڙو ڪم ڪير به نٿو ڪري سگهي. راولپنڊي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button