نواب ولي محمد جي ڪچي واري علائقي مرزا پور ٿاڻي جي حد ديهه ٻنڀائي ۾ بااثرن محسن زرداري، عابد زرداري پوليس ۽ هٿياربندن جي مدد سان 800 ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف متاثرن حاجي ڀنڊ، زمان سنگراهه، مٺل ڀنڊ، حاجن ڪلهوڙو، روشن ڀنڊ، شفيع محمد ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ نواب ولي محمد ۾ نيشنل هاءِ وي تي 41 هين ڏينهن به احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. هنن چيو ته قانون ۽ انصاف جي ادارن، ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن 41 ڏينهن جي احتجاج کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اڄ صبح جو 9 وڳي نواب ولي محمد نيشنل هاءِ وي تي ٻارڙن، عورتن توڙي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان گڏ ڌرڻو هنيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close