سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان قتل ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گوليون 25 ورهين جي نوجوان سڪندر پٽ منظور کهاوڙ کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچ تفصيل وٺي مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي موت جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو گاجي کهاوڙ ۾ مائٽن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن معاملي تان اڄ اسان جو نوجوان سڪندر کهاوڙ گهر ٻاهران دڪان تي ويٺو هو ته امداد، ياسين، آصف، ممتاز کهاوڙ ۽ ٻين هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارث گهر ڏانهن کڻائي ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button