سنڌ

پيپلزپارٽي جو عمران خان کي هٽائي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ يادِ بينظير ڪانفرنس ۾ پيپلز پارٽي 18 آڪٽوبر ۽ 27 ڊسمبر سانحن کي هڪ ئي سازش جي ڪڙي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته 18 آڪٽوبر ڪارساز ريلي رات 12 وڳي کان اڳ ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندڙ ارباب غلام رحيم کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. مطالبو ڪيو ويو ته 27 ڊسمبر جون شاهديون ڌوئي صاف ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آمر پرويز مشرف کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪانفرنس معاشي تباهي ۽ مهانگائيءَ جو ذميوار وزيراعظم کي قرار ڏئي عمران خان کي هٽائي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. نثار کهڙو خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران پاران نواز شريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪرائڻ جي بيان ثابت ڪري ڇڏيو ته انهن قوتن عمران کي وڌيڪ ڪلهو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بيان مان ثابت ٿي ويو ته هو سليڪٽيڊ ۽ بيوس وزيراعظم آهي جيڪو اهڙيون ڳالهيون ڪري ڪنهن کي ميار ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ ادارن جي هڪ پيج تي هجڻ جون دعوائون ڪندڙ عمران جي نواز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ بابت ڏنل بيان کان پوءِ ڇا ادارا ۽ حڪومت هاڻي هڪ پيج تي نه آهن. نثار کهڙي چيو ته ڪي پي ڪي جي بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست کان پوءِ وزيراعظم بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويو آهي ڇاڪاڻ ته شڪست جو ذميوار وزيراعظم پاڻ آهي ان لاءِ هو ناڪامي تسليم ڪري استعيفا ڏئي ڇاڪاڻ هو هر فورم تي ناڪام ثابت ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سياسي قوتون ئي ملڪ کي بهتري طرف وٺي وڃي سگهن ٿيون. ان لاءِ وزيراعظم کي هٽائي وقت کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن.ڪانفرنس ۾ قراردادون هٿ مٿي کڻي اتفاق راءِ سان منظور ڪيون ويون. هڪ قرارداد ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي جمهوريت ۽ عوام لاءِ ڏنل قرباني تي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويو ۽ وچن ڪيو ويو ته بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ ڪارڪن ۽ اڳواڻ قيادت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ جدوجهد ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button