سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ماستري ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج

تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ 12 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن علي ڏنو گاد، آفتاب احمد منگي، محمد عاقل، محمود علي ملگاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته تعليم کاتي ۾ سال 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي جي نگرانيءَ هيٺ پرائمري ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ اسان 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر هڪ سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي 5 ڀيرا لسٽون تبديل ڪري 15 لک روپين عيوض جعلي ڊگرين، فيل اميدوارن ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آرڊر جاري ڪيا ويا اهڙا ثبوت موجود آهن. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته آفر آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي ٻي صورت ايندڙ چونڊن ۾ ووٽن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button