سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ موومينٽ پاران قائداعظم جي سالگرهه تقريب

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زنده آباد آرگنائيزيشن باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب ۾ پي پي ايم زيڊ جي مرڪزي چيئرمين لياقت ابڙو، سينئر نائب صدر يونس علي ابڙو، وائيس چيئرمين نظر حسين، جنرل سيڪريٽري راجا منير جتوئي، ايڊووڪيٽ نعيم اعواڻ، ذيشان کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته اڄ دنيا جي نقشي ۾ پاڪستان جو نقشو موجود آهي، اهو باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي بدولت ئي آهي، قائد اعظم محمد علي جناح جيڪو تحفو پاڪستان جي صورت ۾ اسان کي ڏنو، ان جي ڏنل تحفي کي پاڪستان جي ادارن محفوظ، مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button