سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن لوئر اسٽاف جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن لوئر اسٽاف تعلقي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن بخت علي ڪنگو، عرفان علي سومرو، غلام شبير ڀٽو، واجد چانڊيو، سعد الله جتوئي ۽ ٻين چيو آهي ته تعليم کاتي جي استادن ۽ ڪلارڪن جي مسئلن کي حل ڪري کين مراعتون ڏنيون پيون وڃن پر سنڌ حڪومت مسلسل تعليم کاتي جي گريڊ هڪ کان چار تائين جي ننڍن ملازمن کي نظرانداز ڪري انهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي، جنهن ڪري اسان ننڍن ملازمن جو ٽائيم اسڪيل جو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ڪيو وڃي ۽ بند پيل آءِ ڊيون به کلي نه سگهيون آهن ۽ پروموشن لاءِ سينيارٽي لسٽون به تيار نه ٿيون ڪيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن جا مسئلا حل ڪري ٽائيم اسڪيل، پروموشن ۽ ٻيون مراعتون ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ٻي صورت 5 جنوري تي ڪراچي پريس آڏو ڌرڻو هڻي وزير اعلى هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button