سنڌ

پ پ 14 سالن باوجود بينظير جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي:ناهيد خان

پيپلزپارٽي ورڪرز جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناهيد صفدر عباسي جي شهيد بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي گل رکي فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ناھيد خان چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪ لا وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو هيل تائين نه ٿي سگهيو آهي. 14 سال گذرڻ باوجود پيپلزپارٽي شهيد راڻي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي، جيڪا افسوس ناڪ ڳالهه آهي. عوام سميت ڪنهن جا به قاتل گرفتار ڪرڻ اسٽيٽ جي ذميواري هوندي آهي جيڪا پيپلزپارٽي پوري نه ڪري سگهي آهي. پيپلزپارٽي ۾ شامل جيڪي پارٽي جا وارث ئي ناهن ته اهي اسان کي ڪيئن پارٽي ۾ وٺي ايندا يا ڪڍندا. ڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته شهيد راڻي جي شهادت کي 14 سال گذري ويا پر پيپلزپارٽي پاران صرف اپيل داخل ڪئي وئي، ملڪ ۽ سنڌ هن وقت مشڪل ترين صورتحال مان گذري رهيو آهي جنهن جو سبب قيادت جو فقدان آهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري ملڪ ۾ گهڙي چڪي آهي جنهن سان شهرن جا شهر برباد ٿي ويا آهن. ملڪي سياست ۾ عوامي نمائندگي جيستائين نه ايندي تيستائين عوامي مسئلا حل نه ٿيندا، اها ئي صورتحال رهي ته عوامي سمنڊ ڪرپٽ ۽ نااهل سياستدانن کي وهائي ڇڏيندو. پيپلزپارٽي شهيد بينظير جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ دلچسپي نه پئي وٺي، هن چيو ته 14 سالن کان عوام کي صرف نعرا هڻائي ورسيون ملهائي خوش پيو ڪيو وڃي پر شهيد راڻي جا قاتل اڃا تائين پردي پويان لڪيل رکيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button