سنڌ

شهيد بينظير جي جذبي کي قوم ڪڏهن وساري نه سگهندي:بلاول ڀٽو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جاري ڪيل بيان ۾ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ تحريڪ ۽ مشعل راهه آهي، جنهن جي جذبي کي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. شهيد بينظير ڀٽو هڪ مثالي عالمي اڳواڻ هئي، جنهن پاڪستان ۾ وڏي بهادري سان جمهوريت لا ڊگهي جدوجهد ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو راولپنڊي ۾ قتل صرف عوام کي غربت، بيروزگاري ۽ ناانصافين کان نجات ڏيارڻ جي خواب جو قتل نه هو پر پوري قوم کي قتل ڪرڻ جي هڪ گهري سازش هئي، جنهن سازش کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران “پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻي ناڪام بڻايو هو. بلاول ڀٽو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هم گير شخصيت جي مالڪ هئي جنهن هڪ عالمي ۽ عوامي اڳواڻ جي حيثيت سان ملڪ ۾ اتحاد، هم آهنگي ۽ ترقي پسندي جي سوچ کي فروغ ڏنو ۽ عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حفاظت ڪئي. عالم اسلام جي پهرين عورت وزير اعظم پاران پنهنجي وطن جي حفاظت لا ميزائيل ٽيڪنالاجي جو ناقابل فراموش تحفو ڏنو، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد دوران آمرن هٿان پنهنجي والد ۽ ٻن ڀائرن سميت پنهنجي والده کي پڻ وڃايو ۽ پاڻ به زندگي جي آخري ساهه تائين بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي جمهوريت خاطر وڙهندي شهادت جو جام نوش ڪيو. بلاول چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو پڪو پهه ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري جمهوريت جي مضبوطي، آئين ۽ پارليمان جي بالادستي ۽ معاشرتي مساوات لا جدوجهد جاري رکون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button