سنڌ

ورسي ۾ لکين جيالن جي شرڪت،سيڪيورٽي سخت،150 سي سي ڪئمرائون نصب

اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ورسي جي موقعي تي صبح جي وقت نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪئي وئي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي ضلعي، تعلقي، سٽي سميت يوٿ ونگ، سپاف، ليبر بيورو ۽ ٻين ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قرآن خواني بعد شهيد بينظير ڀٽو جي بلند درجات لاءِ خصوصي دعا گهري لنگر ورهايو ويو. هوڏانهن شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسو ڪوٺايو ويو، جنهن جي شروعات منجهند 3 وڳي تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي بعد ۾ پيپلز پارٽي ڪلچرل ونگ طرفان شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري راڳي مظهر حسين ۽ ٻين شهيد بينظير ڀٽو کي پنهنجي نڪور شاعري ذريعي ڀيٽا ڪئي. جلسي جي ڪارروائي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه هلائي. ورسي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪندي 32 ايس ايس پيز جي نگرانيءَ ۾ 80 ڊي ايس پيز، 300 ليڊيز، 700 ٽريفڪ اهلڪارن سميت ڪمانڊوز کي مقرر ڪيو ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ 150 سي سي ٽي وي ڪئمرائون ۽ 70 واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا. سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن جي نگرانيءَ لاءِ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس طرفان خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو هو جتان ورسي تقريبن کي مانيٽر ڪيو ويو. جلسي ۾ پيپلزپارٽي جا مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر، نيئر بخاري، رحمان ملڪ سميت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، قائم علي شاهه، مهرين ڀٽو، مڪيش چاولا، محمد بخش مهر سميت سنڌ، پنجاب، بلوچستان، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، سائوٿ پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جلسي دوران شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت جي وقت 5 لڳي 26 منٽن تي خاموش اختيار ڪري شهيد بينظير ڀٽو جي بلند درجات توڙي ملڪ جي خوشحالي ۽ بقا لاءِ خصوصي دعا گهري وئي. هوڏانهن ورسي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان جيالا توڙي جياليون ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي، جتي ڪيترائي ڪارڪن شهيد بينظير ڀٽو جي مزار تي کيس ياد ڪري سڏڪا ڀري لڙڪ لاڙيندا رهيا جنهن دوران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. هوڏانهن لاڙڪاڻي کان نئون ديرو تائين مختلف هنڌن تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي استقبال لاءِ استقباليه ڪئمپون لڳائي سندن استقبال ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button