سنڌ

ڀارت کان ڪراچي آيل عورت کي 40 سالن بعد مائٽ ملي ويا

40 سال اڳ ڀارت مان پاڪستان اغوا ٿيل آيل عورت کي سوشل ميڊيا پنهنجي وڇڙيل خاندان سان ملائي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي گذريل ڏينهن هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن ۾ هڪ عورت ڀارت ۾ موجود پنهنجي مائٽن جا نشان به ٻڌايا ۽ پنهنجي باري ۾ ٻڌايو. اها وڊيو ايتري وائرل ٿي جو عورت جي ڀاءُ ان کي سوشل ميڊيا تي ڏٺو ۽ ساڻس رابطو ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب مُني نالي عورت ڀارتي رياست اتر پرديش جي هڪ ڳوٺ جي رهواسڻ هئي، جنهن کي 1981ع ۾ 16 سالن جي ڄمار ۾ هڪ مائٽ دهلي وٺي وڃي ڪري هڪ شخص کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو شخص کيس ڪراچي وٺي آيو. عورت موجب جنهن کيس ڪراچي ۾ اغوا ڪندڙن کان بچايو ان جو نالو سجاد آهي، جيڪو هاڻي سندس مڙس آهي، عورت جو چوڻ آهي ته مان پنهنجو نالو بدلائي بشريٰ رکيو ۽ مون کي 4 ٻار آهن، جن سان مان خوشيءَ سان زندگي گذاري رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button