سنڌ

نئون ديرو پ پ جو اجلاس،وزيرستان ۽ بنون ۾ اڳواڻن جي قتل جي مذمت

شھيد بينظير ڀٽو جي 14ھين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لا ڀٽو ھائوس نئون دير ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنھن جي صدارت پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو گڏيل طور تي ڪئي. اجلاس ۾ راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، رحمان ملڪ، نيئر بخاري، فرحت الله بابر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سميت مرڪزي توڙي چئن صوبن جا صوبائي صدر موجود هئا. اجلاس ۾ گڏيل طور تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪيل جدوجھد تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ وزيرستان ۾ ٽارگٽنگ ڪلنگ وزيرستان جي پارٽي سيڪريٽري نجيب محسود ۽ بنون ۾ پارٽي ضلعي صدر ملڪ اشفاق جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جپ مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرڪ ۾ پ پ ضلعي صدر مٿان حملي جي مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پارٽي جي آئنده لائحه عمل ۽ حدف تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ملڪي صورتحال سميت ملڪ اندر مھانگائي، بيروزگاري سميت مستقبل جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button